SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Accidental War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • æksidentl
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Accidental War

ايڪسيڊينٽل وار

حادثاتي جنگ

جنگ جو هڪ قسم ، جنهن ۾ ڪنهن به اڳ- ڳڻيل يا ڪٿيل سبب جي بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي ڪري ، ٻن ڌُرين ۾ جنگ ٿي پوندي آهي. هن قسم جي جنگ ٿيڻ جا ٻه سبب ٿيندا آهن، پهريون: ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ماحول پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن منجهان ويڙهه جو خطرو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، جيتوڻيڪ بظاهر ڪنهن به ڌُر طرفان ويڙهه ڪرڻ جي نيت به نه هجي. پر اهڙي حالت دؤران جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڌُر کان ٿوري به غلطي ٿئي ٿي ته جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. ٻيو سبب آهي ته جهيڙيندڙ ڌريون هڪ ٻئي جي ڳالهه کي چڱيءَ ريت نه سمجهي سگهنديون آهن ۽غلط فهميءَ جي بنياد تي سندن وچ ۾ ويِڙهه ٿي پوندي آهي. گهڻي قدر ٻن سياسي ڌرين جا جهيڙا به غلط فهميءَ جي بنياد تي ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هر ملڪ جي اڳواڻ يا حاڪم تي مخالف ڌُر جو خوف ڇانيل هجي ٿو ۽ انهيءَ خوف سبب اُهي هڪٻئي جي هر ڳالهه کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. تاريخ دانن ۽ سياسي محققن جو خيال آهي ته 1914ع (پهرين عالمي جنگ جو دور) ۾ اوچتو جيڪي خطرناڪ حالتون سامهون آيون، اهي سڀ حادثاتي جنگ جو سبب بڻيون. انهن اوچتو بگڙجندڙ حالتن کان اڳ ڪنهن کي به دنيا ۾ مهاڀاري لڙائيءَ جو اندازو نه هئو


Remember Me Also:

گورچاڻي

اسم خاص. بلوچن جو هڪ قبيلو . تعلقي جيمس آباد ۾ هڪ ديهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal